قمبر پوليس پاران بدنام ڌاڙيل زيبو چانڊيو کي مقابلي بعد گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

جُولاءِ 7, 2023

قمبر( رپورٽر) قمبر پوليس بدنام ڌاڙيل کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جنهن مٿان مختلف ٿاڻن تي 16 کان وڌيڪ اغوا، قتل ۽ ڦرن جا ڪيس داخل ٿيل آهن

قمبر جي ڊرگهه ٿاڻي جي پوليس بدنام ڌاڙيل زيب عرف زيبو چانڊيو کي ڳوٺ ڀنگر آچا ڀرسان مقابلي بعد هٿيار سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي

 پوليس موجب گرفتار ٿيل ڌاڙيل مٿان ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي 16 کان وڌيڪ اغوا،ڦرن،قتل ۽ پوليس مقابلن جا ڪيس داخل ٿيل آھن، ڌاڙيل وٽان ڦريل موٽر سائيڪل به هٿ ڪئي وئي

 پوليس موجب گرفتار ڏوهاري زيب چانڊيو علائقي جي بدنام ڌاڙيل دادن مرزاڻي چانڊيو جو پٽ آھي جيڪو روپوش آھي جنهن مٿان سرڪار طرفان 30 لک روپيا انعام پڻ رکيل آھي

Leave A Comment