قمبر ۾“ماچيس” واپس گهرڻ تان پورهيت نوجوان تي تشدد، فائرنگ

قمبر ۾“ماچيس” واپس گهرڻ تان پورهيت نوجوان تي تشدد، فائرنگ

قمبر (رپورٽر) قمبر جي بس اسٽينڊ  ڀرسان شراب جي نشي ۾ ڌت نوجوانن ماچيس وٺڻ جي معاملي تان حملو ڪندي مانڊڙي  هلائيندڙ نوجوان صلاح وڌو کي سخت مارڪٽ ڪرڻ بعد ڀڄ ڊاهه ڪري هوائي فائر ڪندي فرار ٿي ويا، متاثر پورهيت جو چوڻ هيو ته جوابدار پنهنجي دوستن سان گڏ شراب جي نشي ۾ اچي مون کان سگريٽ دکائڻ لاءِ ماچيس ورتو،ماچيس واپس ڪرڻ لاءِ چيو ته هن جهيڙو ڪري مون مٿان تشدد ڪيو ۽ مانڊڙي ۾ ڀڄ ڊاهه ڪري لکين رپين جو نقصان پهچايو، جنهن جو اطلاع  پوليس کي ڏنو ويو، ٻئي طرف سٽي ٿاڻي تي متاثر نوجوان جي فرياد تي احمد علي شابراڻي ۽ عبدالله شابراڻي مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.