قمبر ۾ اسڪول مان چوري، استادن ۽ شاگردن جو ڌرڻو

مَي 10, 2023

قمبر ( رپورٽر)  قمبر جي غريب آباد محلي ۾ واقع محمد اسماعيل قادري گورنمينٽ  پرائمري بوائز اسڪول جا تالا ٽوڙي نامعلوم چور 4 ڇت جا پکا. 2 سولر پليٽون. واٽر پمپ سميت اسڪول جو گهنڊ به چوري ڪري ويا واقعي خلاف اسڪول جي استادن ۽ شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪري اسڪول اڳيان غيبي ديرو روڊ تي ڌرڻو هنيو ان موقعي تي اسڪول جي هيڊ ماستر عبدالرزاق ڪلهوڙو. اياز چانڊيو. عبدالرشيد شابراڻي ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته اسڪول ۾ چوڪيدار نه هئڻ سبب رات جو دير سان نامعلوم چور چئوديواري ٽپي ڪلاسن جا تالا ٽوڙي اسڪول جو سمورو سامان ٻهاري کڻي ويا هنن چيو ته اسڪول ۾ چوڪيدار مقرر ڪرائڻ لاء تعليم کاتي جي ڊي اي او سميت بالا آفيسرن کي ڪيترائي دفعا لکت ۾ درخواستون ڏنيون آھن پر ڪو  تدارڪ نه پيو ٿئي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • خانپورمهر : هڪ نينگري ٻڏي فوت، ٻن کي بچايو ويو

  • گنداخاڀرسان هٿياربندن هٿان هڪ ڄڻو قتل

  • گمبٽ ۾ هٿياربندن هٿان دڪاندار گولي هڻي زخمي

  • دوڙ ڀرسان نوجوان جو لاش هٿ، ساهرن تي قتل جو الزام