قمبر ۾ “انتهاپسندي کان آجي سنڌ” جي سري هيٺ جاڳرتا ريلي

نومبر 25, 2024

قمبر (رپورٽر) ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار طرفان پهرين ڊسمبر تي “انتها پسندي کان آجي سنڌ” جي سري هيٺ ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جي سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت طرفان شاعرن ۽ اديبن ايڪتا جاڳرتا ريلي پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي، ان موقعي تي درمحمد ٻرڙو،مسيح مگسي، مشتاق گوپانگ، قمر الدين قمر، ڪوڙل قربدار ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ سدائين رواداري، ڀائيچارو ۽ پيار محبت رهيو آهي، سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي هٿ وٺي سنڌ جي ماڻهن کي انتها پسندي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي، اسان کي سنڌ جي رواداري کي برقرار رکندي اهڙين سازشن کي ناڪام بڻائڻو آهي، اسين عظيم شاعر شاھ لطيف سچل، شيخ اياز ۽ بخاري جا پيروڪار آهيون،  ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي کي جس آهي جنهن انتها پسندي کان آجي سنڌ جي سري هيٺ پهرين ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جو  سڏ ڏنو آهي.

Leave A Comment