قمبر (رپورٽر) قمبر جي ڊرگهه ٿاڻي جي ٻن پوليس اهلڪارن امجد جهتيال، ۽ اصغر ٻٻر کي گوليون هڻي زخمي ڪري سرڪاري رائيفل ڦر ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو، جڏهن ته پوليس ڳوٺ جامڪ،ڳوٺ بوهڙ ۽ ڳوٺ ڊرگھه سومر چانڊيو تي چڙهائي ڪري شاهنواز چانڊيو ۽ جاويد مارفاڻي جا گهر ڊاهي ڇڏيا، جوابدار نه ملڻ تي پوليس ڪجھ هعورتن کي حراست ۾ ورتو آهي، پوليس موجب واقعي ۾ مارفاڻي چانڊيا برادري جا ماڻهو ملوث آهن.
سکر ۾ پورهيت جو معصوم ٻارن سميت پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج
سکر (بيورو رپورٽ) سکر ڳوٺ حاجي بلال کوسو جي رهواسي الطاف حسين ولد بشير احمد کوسو پنهنجي معصوم ٻارڙن کي ساڻ ڪري پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام مڙهيو آهي ته منشيات فروشي کي جيل، سزا ڪاٽڻ کانپوءِ الوداع ڪري ڇڏيو آهي ۽ چئن سالن کان عزت جو روزگار ڪري زندگي گذاري رهيو آهيان. پر اِن باوجود پوليس ماضي ۾ سنگين غلطين جي آڙ ۾ بار بار گهر تي چڙهائي، گرفتار ڪرڻ ۽ رشوت طلب ڪري رهي آهي. نه ڏيڻ تي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ سان گڏ حراسان ڪيو پيو وڃي، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بيگناهه تنگ ڪندڙ پوليس عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري ٻچڙن سان گڏ زندگي گذارڻ ڏني وڃي.
ھڱورجا فوڊ سينٽر تي 5 هزار ڪڻڪ ٻوريون خراب ٿيڻ جو نوٽيس
ھڱورجا (ن پ ا) ھڱورجا ۾ قائم خوراڪ کاتي جي ڪڻڪ خريداري واري سينٽر تي 5 ھزار کان وڌيڪ ڪڻڪ جون ٻوريون لاپرواهي سبب خراب ٿيڻ جون خبرون شايع ٿيڻ جو ڊي سي خيرپور نوٽيس ورتو، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور الطاف جي ھدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر سوڀوديرو شاھ محمد چانگ ھڱورجا فوڊ سينٽر تي پھتو، جتي فوڊ انسپيڪٽر غائب ھيو، سينٽر تي موجود سموري ڪڻڪ جو جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر شاھ محمد چانگ چيو ته فوڊ انسپيڪٽر موجود ناھي سينٽر جي ڪڻڪ بابت سموري رپورٽ ڊي سي خيرپور حوالي ڪئي ويندي.
ميڙ کي مان: غلام الله ۾ حادثي ۾ فوت ٿيل نوجوان جي وارثن پاران خوف معاف
غلام الله (ن پ ا) غلام الله _ساڪرو روڊ تي حادثي ۾ فوت ٿيل نوجوان اڪبر ميربحر جي وارثن معززين جو تڏي تي لنگھي اچڻ تي خون معاف ڪري ڇڏيو،ياد رهي ته ٽي ڏينهن اڳ غلام ﷲ ڀرسان ساڪرو روڊ تي يوسف ھديو بلوچ جي ڪار جي ٽڪر ۾ پيادل ويندڙ واٽھڙو نوجوان اڪبر پٽ علي غلام ميربحر ماڃريو فوت ٿي ويو ھو، جنھن بعد چيف آف ڪَلمت سردار رمضان ملڪاڻي، رئيس محمد حسين ھديو، مقبول احمد ھديو ۽ ٻين معززين فوتي تڏي تي پهچي اڪبر ميربحر جي وارثن پيءُ علي غلام ميربحر محمد عثمان ميربحر ابراهيم ميربحر ماڃريو وٽ تعزيت ۽ معافي طلبي لاءَ پهچي ويا، جڏھن ته علائقي جي معززين جي تڏي تي لنگهي اچڻ تي فوتي جي وارثن خون معاف ڪري ڇڏيو،
ترقياتي ڪم ڪرايو: جمال شاهه ۾ ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو
جمال شاھه(ن پ ا) جمال شاھ ڀرسان ڳوٺ ھبيري جي رھواسين پاران عوامي اتحاد جي اڳواڻ سيد غلام عباس شاھ، وڪيل احمد شاھ ۽ محمد نواز پرھيار جي اڳواڻي ۾ يوسي ھبيري، سن، ساوڙي ۽ چارڙو ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ ۽ ايم اين اي، ايم پي اي پاران نظرانداز ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين چيو ته سندن علائقن ۾ اڄ تائين ڪو به ترقياتي ڪم نه ٿيو آهي، نه ئي ڪنهن مستحق کي سولر پليٽون، پنکا يا بيواهن کي سلائي مشينون ڏنيون ويون آهن. هنن چيو ته سندن زمينون سم ۽ ڪلر جي ور چڙهي ويون آهن، سم نالا گهرن تائين پهچي ويا آهن، جڏهن ته سم نالن لاءِ رکيل ڪروڙين رپين جي بجيٽ مبينا طور هڙپ ڪئي وڃي ٿي.
سرهاري جي واپاري پاران چوري ٿيل سامان واپس نه ملڻ خلاف احتجاج
سرھاري (ن پ ا) سرهاري ۾ واپاري احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان ڏس ۾ ٽي ڏينھن اڳ پراڻي سعيدآباد روڊ تان نامعلوم چورن پاران شھر جي واپاري ديوان ڪيلاش ڪمار جي ڀانڊي جا تالا ٽوڙي سولر پليٽون ۽ بيٽريون چوري ڪري ويا ھئا ٽي ڏينھن گذرڻ باوجود سرھاري پوليس پاران چوري ٿيل سامان واپس ڪرائڻ سميت ملوث جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف سيٺ ڪيلاش ڪمار پاران سخت احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي واپاري ڪيلاش ڪمار ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ته ٽي ڏينھن گذري ويا آھن پر سرھاري پوليس مھنجي ٿيل چوري جا نئي جوابدار گرفتار ڪيا آھن نه ئي چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي سگھي آھي، هن گھر ڪئي ته چوري ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪري چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.