قمبر ۾ تيز رفتار ٽريڪٽر جي ٽڪر ۾ واٽهڙو نوجوان فوت

قمبر ۾ تيز رفتار ٽريڪٽر جي ٽڪر ۾ واٽهڙو نوجوان فوت

قمبر (رپورٽر) قمبر دوست علي روڊ تي مٽي سان ڀريل تيز رفتار ٽريڪٽر ٽرالي واٽهڙو نوجوان مٿان چڙهي وئي نتيجي ۾ 28 سالن جو نوجوان سڄڻ چانڊيو هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو، ڊرائيور ٽريڪٽر ڇڏي فرار ٿي ويو، پوليس ٽريڪٽر ٽرالي کي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي بيهاري ڇڏيو، پوليس موجب فوتي ڳوٺ نوناري جو رهواسي هيو،روڊ سان پيادل اچي رهيو هيو ته خان واھ جي موري ڀرسان مٽي سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي سندس مٿان چڙهي وئي.