قمبر ۾ ثقافت جا من موهيندڙ منظر، شاندار ريلي، سنڌ منشيات کان ڪرڻ جا وچن

قمبر ۾ ثقافت جا من موهيندڙ منظر، شاندار ريلي، سنڌ منشيات کان ڪرڻ جا وچن

قمبر (رپورٽر) قمبر ۾ ايڪتا عيد واري ڏينهن تي شهر جي گهٽين ۽ ڳوٺن مان ماڻهو ثقافتي ويس پائي ٽوپي ۽ اجرڪ پھري نوان ويس وڳا پائي قومي گيتن تي جهمريون هڻندا ريليون ڪڍي ٽولن جي صورت ۾ پاڻ مرادو گهرن مان نڪري ڪرڪيٽ گرائونڊ تي گڏ ٿيا ڏسندي ڏسندي ماڻهن جو سمونڊ گڏ ٿي ويو، ثقافتي رنگن جي بهار ڇانئجي وئي قومي گيتن تي جهمريون هڻي ڌرتي ۽ ثقافت سان محبت جو اظهار ڪيو ويو، بعد ۾ ڪرڪيٽ گرائونڊ کان منشيات کان پاڪ سنڌ جي سري هيٺ ايڪتا جي مکيه ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ شامل ماڻهو قومي گيتن تي جهمريون هڻندا،گرلس هاء اسڪول،بوائز هاء اسڪول ميروخان روڊ تان گذريا ته ڀر پاسي جي دڪاندارن ريلي مٿان گلن جي ورکا ڪئي ريلي شهداء چوڪ کان ٿيندي ڀٽو چوڪ تي پهتي جتي ايڪتا جو جلسو ڪيو ويو جنهن کي شهري ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ نذير احمد تنيو، سماجي اڳواڻ سيد مجاهد حسين شاھ بخاري، سماجي تنظيم يوٿ فورم جي اڳواڻ اياز ٻرڙو، لطيف گوپانگ، جسقم اڳواڻ شاھجھان ڪلهوڙو، ادبي سنگت جي درمحمد ٻرڙو، پي ٽي آء جي صدام گوپانگ،پ ٽ الف جي رمضان مغيري،حبيب ڇڄڙو، چوپائي مال ڊيري يونين جي فهد گوپانگ، وڪيل اڳواڻ ماجد خاصخيلي، سماجي اڳواڻ علي محمد کوسو، وطن دوست مزدور فيڊريشن جي زوار حسين گوپانگ، سنڌ هاري آبادگار اتحاد جي عارف هڪڙو، ضلعو سينگاريو ڪميٽي جي واجد گوپانگ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته هڪ سازش تحت سنڌ ۾ نشي، منشيات کي عام ڪري سنڌي ماڻهن خاص ڪري نوجوانن کي نشي جو عادي بڻائي پنهنجن حقن کان غافل رکي محلن،گهٽين،واهڻ ۽ وستين ۾ زهر وڪرو ڪري اسان جي مستقبل کي تباھ ڪيو پيو وڃي،اڳواڻن چيو ته واعدو ڪيو ته هر هنڌ منشيات جي رستا روڪ ڪري پنهنجن ماڻهن جون حياتيون بچايون وينديون.