قمبر ۾ حادثو، 2 ڄڻا فوت

جُولاءِ 2, 2025

قمبر (پنهنجي ڊيسڪ) قمبر جي ڳوٺ دوست علي نائچ ڀرسان  تيز رفتار ٽريڪٽر، موٽر سائيڪل سوارن مٿان چڙهڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا علي رضا چانڊيو ۽ سندس سئوٽ ارشاد علي چانڊيو ڌڪ لڳڻ سبب موقعي تي ئي فوت ٿي ويا

ٻنهي فوتين جا لاش قمبر اسپتال آندا ويا جتي ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، ٻنهي فوتين جا لاش ڳوٺ سليمان چانڊيو ۾ گهر پهچڻ تي روڄ راڙو پئجي ويو

فوتين جي وارثن جو چوڻ هيو ته موٽر سائيڪل ۽ ٽريڪٽر تي چڙهي زرعي زمين تي ساريالي فصل جو رونبو ڪرائڻ لاءِ وڃي رهيا هئاسين ته موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب فوتي روڊ تي ڪري پيا ته پويان ايندڙ ٽريڪٽر سندن مٿان چڙهي ويو جنهن سبب ٻئي ڄڻا چيڀاٽجي سخت زخمي ٿي پيا جن کي بروقت علاج لاءِ قمبر اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽرن طرفان سندن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، ٻئي فوتي پاڻ ۾ سئوٽ ۽ پورهيت هئا

لاڳاپيل پوسٽون

  • سکر جون 38 عمارتون زبون خطرناڪ قرار

  • جھڏو ۾ نصير ڇنڊڻ جي بحالي لاءِ آپريشن

  • دادو: ڍنڍ پار ڪندي پورهيت ڌيءُ سوڌوٻڏي فوت

  • وفاقي سرڪار پاران کنڊ جي درآمد لاءِ  ٽينڊر جاري