| قمبر ۾ حددخلين خلاف شهري عدالت پهچي ويو، ڌرين کي نوٽيس |
قمبر (رپورٽر) قمبر جي علي خان محلي واسي سماج سڌارڪ، وڪيل فراز هڪڙو شهر جي روڊن رستن تي ناجائز اڏاوتون ۽ قبضن خلاف سول جج جي عدالت ۾ ايس ايس پي، اسسٽنٽ ڪمشنر، ميونسپل ڪميٽي انتظاميا ۽ ٽريفڪ سارجنٽ مٿان درخواست داخل ڪرائيندي ڄاڻايو ته مٿي ڄاڻايل اختيارين جي لاپرواهي سبب شهر جي گذر وارن رستن تي قبضا ڪري، غير قانوني چنگچي رڪشا پارڪنگ ٺاهي روڊن کي سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب هر وقت ٽريفڪ جام رهي ٿي، روڊ رستا ڪلاڪن جا ڪلاڪ بند ۽ ماڻهن جو پيادل گذرڻ به مشڪل بڻيل آهي، عورتن، اسڪول ويندڙ شاگردن شاگردياڻين کي سخت تڪليف جو منهن ڏسڻو پوي ٿو، حادثا به روز جو معمول بڻيل آهن، جنهن تي عدالت ڄاڻايل انتظاميه ۽ اختيارين ڏانهن نوٽيس جاري ڪندي 19 جنوري تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.