قمبر ۾ دوستن سان گڏ ويل نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ

مَي 22, 2023

قمبر ( رپورٽر) قمبر شھر ٻاهران ٻير روڊ ڀرسان زرعي زمين مان نوجوان جو تشدد ٿيل گوليون لڳل لاش هٿ آيو آهي

پوليس موجب نوجوان جو نالو رضوان گوپانگ آھي جنهن کي قتل ڪري لاش ڦٽو ڪيو ويو آھي مڙهه اسپتال آندو آهي، پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو

نوجوان جي وارثن جو چوڻ آھي ته رضوان کي رات دوست چانهه پيئارڻ لاءِ وٺي ويا هئا جنهن کانپوءِ صبح هن جو لاش مليو آهي

Leave A Comment