| قمبر ۾ رائيس ملرز ۽ آبادگارن ۾ گڏجاڻي، سارين جي غيرقانوني ڪٽوتي جون شڪايتون |
قمبر (رپورٽر) قمبر جي ڊي سي امداد علي ابڙو طرفان سارين جي اگھه ۾ لاٿ ۽ غيرقانوني ڪٽوتي ڪرڻ جي سلسلي ۾ درٻار هال ۾ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ هاري آبادگارن جي اڳواڻن رائيس ملرز يونين جي عهديدارن شرڪت ڪئي، رائيس ملرز يونين جي اڳواڻن الطاف تنيو، آصف علي لغاري، خان محمد مگسي ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته سارين جي في مڻ تي موائسچر جي حساب سان ڪٽوتي ڪري رهيا آهيون، اسان کان به بروڪر چانورن جي خريداري ۾ موائسچر جي حساب سان ڪٽوتي ڪن ٿاچانورن جا اگھه گهٽ آهن گذريل سال به اسان کي نقصان ٿيو هيو، جڏهن ته هاري آبادگار اڳواڻن محسن قاضي، جنيد جروار،عبدالخالق کوسو ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته شهدادڪوٽ ۾ سيلر مالڪ ۽ واپاري سارين جي في مڻ تي اڌ ڪلو، قمبر ۾ هڪ ڪلو ۽ ميروخان ۾ ڏيڍ ڪلو ڪٽوتي ڪن ٿا، جڏهن ته وارھ ۽ نصيرآباد ۾ سيلر مالڪ سارين جي خريداري ۾ ڪا به ڪٽوتي نه ڪري رهيا آهن هڪ ضلعي ۾ چار قانون هلي رهيا آهن، واپاري ۽ ڪارخاني مالڪ پنهنجي مرضي جا اگھه ڏيڻ ٿا ڪٽوتي ڪرڻ غير قانوني عمل آهي، ڊي سي جو چوڻ هيو ته گڏجاڻي ۾ رائيس ملرز جي ضلعي اڳواڻن جي شريڪ نه ٿيڻ سبب فيصلو ڪيو ويو آهي ته 3 ڏينهن ڪو به سيلر مالڪ سارين جي خريداري ۾ ڪٽوتي نه ڪندو. جنهن بعد ٻيهر گڏجاڻي ڪوٺائي ويندي.