قمبر ۾ زال کي قتل ڪندڙ جوابدار کي جنم ٽيپ

نومبر 28, 2024

قمبر(رپورٽر) قمبر جي عدالت قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ماڊل ٽرائل ڪورٽ جي جج طارق ڀٽي جي عدالت  زال کي قتل ڪرڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار محمد اسماعيل رند کي عمر قيد ۽ 20 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي، جوابدار 10 سال اڳ گهرو اڻبڻت تان پنهنجي زال ڪريمان خاتون کي فائر ڪري قتل ڪيو هيو. جوابدار ڏنڊ جي رقم مقتوله جي وارثن کي ڏيندو، نه ڏيڻ جي صورت ۾ وڌيڪ 3 سال قيد ڪاٽيندو.

Leave A Comment