قمبر ۾ شادي ڪاڄ ۾ هوائي فائرنگ: نينگر مارجي ويو: سئوٽ زخمي

اپريل 24, 2025

قمبر (رپورٽر) قمبر لڳ شادي جي ڪاڄ ۾ خوشي وچان فائرنگ، گولي لڳڻ سبب نينگر مارجي ويو، سندس سئوٽ زخمي، ڳوٺ حاجي شير علي مغيري ۾ شادي جي ڪاڄ ۾ خوشي وچان فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 2 نينگر 12 سالن جو عبدالرزاق مغيري ۽ سندس10 سالن جو سئوٽ فرحان مغيري زخمي ٿي پيا جن کي بروقت علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي عبدالرزاق مغيري دم ڏئي ڇڏيو، پوليس جو چوڻ هيو ته ڳوٺ ۾ ساجد مغيري جي شادي جو پروگرام هيو جتي خوشي وچان فائرنگ سبب واقعو پيش آيو، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪريون پيا.

Leave A Comment