قمبر ۾ غربت نوجوان کان حياتي کسي ورتي

جُون 12, 2023

قمبر( رپورٽر) قمبر ۾ بيروزگاري ۽ غربت کان تنگ ٿي 6 ٻارن جي پيءُ  40 سالن جي پورهيت محمد مراد چانڊيو پاڻ کي ڦاهو ڏئي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو

پورهيت جي وڏي پٽ علي رضا ٻڌايو ته بابا پهريان پاڙي ۾ ڪرياني جو دڪان هلائيندو هيو جيڪو نه هلڻ سبب بند ڪيو جنهن بعد مزدوري ڪرڻ لڳو ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اها به نه ملي جنهن جي ڪري پريشان رهڻ لڳو هو هن اڄ ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو

واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي لاش اسپتال کڻائي آئي جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو

لاڳاپيل پوسٽون

  • خانپورمهر : هڪ نينگري ٻڏي فوت، ٻن کي بچايو ويو

  • گنداخاڀرسان هٿياربندن هٿان هڪ ڄڻو قتل

  • گمبٽ ۾ هٿياربندن هٿان دڪاندار گولي هڻي زخمي

  • دوڙ ڀرسان نوجوان جو لاش هٿ، ساهرن تي قتل جو الزام