| قمبر ۾ فائرنگ، 2 پوليس اهلڪار زخمي، سرڪاري هٿيار به ڦر |
قمبر (رپورٽر) قمبر جي ڊرگھه ٿاڻي جا 2 پوليس اهلڪار امجد جهتيال ۽ علي اصغر ٻٻر،باغ لاڙو جي پوليس پڪٽ تي ڊيوٽي ڏيڻ بعد موٽر سائيڪل تي واپس اچي رهيا هئا ته غيبي ديرو روڊ تي پهوڙ پل ڀرسان ڏوھ جي ارادي سان بيٺل هٿياربندن اهلڪارن مٿان فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب ٻئي اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا، هٿياربند سرڪاري رائيفل کسي فرار ٿي ويا. اطلاع تي پوليس پهچي زخمي اهلڪارن کي اسپتال منتقل ڪيو.