قمبر ۾ معذور نوجوان محنت ذريعي ٻين لاءِ مثال بڻيل

مَي 27, 2023

قمبر ( رپورٽر) قمبر  ۾ معذور نوجوان نااهل نڪمن لاءِ اتساهه بڻيل آهي، روزگار ڪري گهر جو گاڏو هلائي پيو

ڳوٺ ڇڄڙا جي رهواسي ٻنهي هٿن ۽ پيرن کان معذور نوجوان بلاول مڱريو معذوري کي مجبوري نه سمجهندي قمبر جي بوائز هاءِ اسڪول سامهون موبائيل سينٽر تي ڪمپيوٽر ذريعي ڊائون لوڊنگ ڪري پنهنجو پيٽ گذر ڪري رهيو آهي جنهن همت ۽ جذبي جو اعليٰ مثال قائم ڪري ورتو آهي

هن چيو ته پيدائشي معذور نه آھيان ننڍي هوندي بيماري بعد غلط علاج سبب معذور بڻجي ويس

نوجوان ٻڌايو ته روزانو 400 سئو کان 500 سئو روپيا ڪمائي پيرسن والدين جو سهارو بڻيل آھيان

Leave A Comment