| قمبر ۾ معمولي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، فائرنگ ۾ نوجوان قتل، هڪ ڄڻو زخمي، ڇڪتاڻ |
قمبر (رپورٽ: عبدالرحيم منگي) قمبر ۾ معمولي ڳالھه تان هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪر ي ڇڏيو، هڪ ڄڻو زخمي، شهر جي مستوئي محلي ۾ بليدي ۽ مستوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ موٽر سائيڪل جي ڪراسنگ جي معاملي تان منهن ماري،ڏند چڪ ٿيڻ بعد هٿياربندن فائرنگ ڪري 35 ورهين جي ضياءَ الرحمان مستوئي کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته فائ.رنگ ۾ ڇڏائڻ آيل اياز مغيري زخمي ٿي پيو، مقتول جو لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف پوليس پهچي نذير بليدي،سندس پٽ رضا حسين،۽ نويد بليدي کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس جو چوڻ هيو ته بليدي برادري جي ماڻهن جي موٽر سائيڪل ڪراسنگ دوران مستوئي برادري جي ماڻهن کي لڳي جنهن تان ٻنهي ڌرين ۾ منهن ماري ٿيڻ بعد بليدي برادري جي ماڻهن حملو ڪري فائرنگ ڪئي جنهن سبب واقعو پيش آيو.