| قمبر ۾ نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري: جيو چانڊيا هٿان ڪلب شاهين ڪلب کي شڪست |
قمبر (رپورٽر) قمبر جي شاھ لطيف ڊگري ڪاليج جي گرائونڊ تي نواب شبير احمد خان چانڊيو ڊسٽرڪٽ ھارڊ بال نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي سلسلي ۾ جيو چانڊيا ڪرڪيٽ ڪلب قمبر، شاھين ڪرڪيٽ ڪلب قمبر کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي اڳئين مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو شاھين ڪرڪيٽ ڪلب ٽاس کٽي پھريان بيٽنگ ڪندي مقرر 12 اوورن ۾ 138 رنسون ٺاھي آل آئوٽ ٿي وئي، جنهن جي جواب ۾ جيو چانڊيا ڪرڪيٽ ڪلب گھربل ٽارگيٽ 11 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ميچ کٽي ورتي جيو چانڊيا ڪرڪيٽ ڪلب طرفان امير علي چانڊيو 65 دانيال ٻرڙو 45 رنسون ٺاھيون ۽ بھترين بالنگ ڪندي محمد سليم مغيري 4 راجا منصور چانڊيو 3 وڪيٽون وٺي ٽيم کي کٽرائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو