قمبر ۾ نواب شبير احمد چانڊيو نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ: حيدري ڪلب علي اليون کي هارائي ڇڏيو

قمبر ۾ نواب شبير احمد چانڊيو نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ: حيدري ڪلب علي اليون کي هارائي ڇڏيو

قمبر (رپورٽر) قمبر جي شاھ لطيف ڊگري ڪاليج جي ڪرڪيٽ  گرائونڊ تي قمبر جي اڳوڻي ضلعي ناظم مرحوم نواب شبير احمد چانڊيو جي ياد ۾ ڪوٺايل ڊسٽرڪٽ هارڊ بال نائيٽ ٽورنامينٽ جي سلسلي ۾  حيدري ڪرڪيٽ ڪلب قمبر، علي اليون ڪرڪيٽ  ڪلب قمبر کي 30 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.  حيدري ڪرڪيٽ  ڪلب جي ڪپتان وحيد مراد گوپانگ ٽاس کٽي پھريان بيٽنگ ڪندي مقرر 12  اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 120 رنسون ٺاھيون جنهن جي جواب ۾ علي اليون ڪرڪيٽ  ڪلب مقرر 12 اوورن ۾ 90 رنسون ٺاھي آل آئوٽ ٿي ويئي حيدري ڪرڪيٽ ڪلب طرفان منير احمد چانڊيو 34 رنسون زوھيب احمد لاکو 30 رنسون ٺاھيون ۽ بھترين بالنگ ڪندي وحيد گوپانگ 3 فھد خان گوپانگ 3 وڪيٽون وٺي پنهنجي  ٽيم کي کٽرائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو