قمبر( رپورٽر) قمبر ۾ گذريل ڏينهن مارجي ويل نوجوان رضوان گوپانگ جو قتل ڪيس ڀاءُ جي فرياد تي داخل ڪيو ويو، قاتل سندس سنڍو نڪتو
قتل ٿي ويل رضوان جي ڀاءُ محمد رمضان جي فرياد تي مقتول جي سنڍو عرفان گوپانگ. شعيب مغيري.سعيد گوپانگ ۽ سلطان گوپانگ خلاف داخل ڪيو ويو
فريادي ڄاڻايو آھي ته منهنجي ڀاءُ مهينو اڳ انور گوپانگ جي ڌيءَ سان شادي ڪئي هئي جنهن تي عرفان ناراض هو جنهن تان هن ٻين سان گڏجي رضوان کي قتل ڪيو آهي
رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو آهي ته رضوان جو قتل ڪيس چئن جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي جن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا ويا پر اهي گهر خالي ڪري ويا آهن، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو