| قمبر ۾ نوجوان جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ، واقعو آپگهات قرار |
قمبر (رپورٽر) قمبر جي بروهي محلي ۾ 24 سالن جي نوجوان عبدالرزاق ڪلواڻي چانڊيو گهر مان ڦاهو کاڌل لاش هٿ ڪيو ويو، پوليس موجب نوجوان جي والد محمد يوسف چانڊيو جوچوڻ هيو ته اسين قمبر جي ڳوٺ صحبت چانڊيو جا رهواسي آهيون،پٽ هتي بروهي محلي ۾ پنهنجي زير تعمير جڳھه ۾ اڪيلو رهندو هيو،ڪنهن سان به دشمني نه آهي ،نامعلوم سبب جي ڪري هن پاڻ کي ڦاهو ڏئي خودڪشي ڪئي آهي، وارثن لاش جو پوسٽ مارٽم نه ڪرايو، پوليس موجب وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، ٻي طرف ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان درزڪو ڪم ڪندو هيو،ڪافي وقت کان بيروزگار هيو غربت کان تنگ اچي خود ڪشي ڪئي آهي.