قمبر ۾ ٻه معصوم ڀينرون پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي فوت

آگسٽ 27, 2023

قمبر (رپورٽر) قمبر لڳ 2 ڀينرون پاڻي جي کڏ ۾ٻڏي فوت ٿي ويون، جنهن بعد گهر ۾ ڪهرام مچي ويو

ڳوٺ حمزه چچو ۾ پاڻي جي کڏ ۾ 8 ورهين جي ساجدان ۽ سندس 12 ورهين جي ڀيڻ مجيدان ٻڏي فوت ٿي ويون

فوتي نينگرين جي والد محمد خان مگسي ٻڌايو ته زرعي زمين ۾ ساريالي فصل کي ڀاڻ ڏئي رهيا هئا سين، زمين ڀرسان واقع پاڻي جي کڏ ۾ پير ترڪڻ سبب ساجده ڪري پئي ته کيس بچائڻ لاءِ ڀيڻ مجيدان به پاڻي ۾ گهري ته اها به ٻڏي وئي

والد چيو ته ٻنهي نينگرين کي بروقت پاڻي مان ڪڍي قمبر اسپتال آندو جتي ڊاڪٽرن طرفان ٻنهي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي واقعي بعد سندن گهر ۾ روڄ راڙو پئجي ويو

Leave A Comment