| قمبر ۾ پئسن جي معاملي تان وڏي ڀاءُ هٿان گوليون هڻي ننڍو ڀاءُ قتل |
قمبر (رپورٽر) قمبر شهر جي پپل چوڪ ڀرسان برڪت شاهه محلي ۾ 24 سالن جو نوجوان وزير علي عرف راشد گوپانگ گهر ڀرسان پنهنجي مال جي واڙي ۾ ستل هو ته سندس وڏي ڀاءُ اظهر گوپانگ پسٽل جا فائر ڪري گوليون هڻي کيس قتل ڪري ڇڏيو، بعد ۾ اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي جوابدار اظهر گوپانگ کي گرفتار ڪري ورتو ۽ لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال کڻائي آندو، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول نوجوان جو لاش گهر آندو ويو ته روڄ راڙو پئجي ويو، پوليس موجب مقتول جو پئسن ۽ پراپرٽي جي معاملي تان پنهنجي والد سان اختلاف هو، جنهن تان وڏي ڀاءُ اظهر گوپانگ پسٽل جا فائر ڪري پنهنجي ننڍي ڀاءُ وزير علي گوپانگ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، ٻڌايو پيو وڃي ته ٻئي ڀائر پپل چوڪ تي برف وڪرو ڪندا هئا، پئسن جي معاملي تان ٻنهي ڀائرن ۾ منهن ماري پڻ ٿي هئي، جنهن تان واقعو پيش آيو، خبر رپورٽ ٿيڻ تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.