قمبر ۾ گهر کي باهه، زال مڙس سميت 4 ڄڻا سڙي زخمي

قمبر ۾ گهر کي باهه، زال مڙس سميت 4 ڄڻا سڙي زخمي

قمبر (رپورٽر) قمبر ۾ پوليس اهلڪار جي گهر کي باھ لڳي وئي، گهر ڌڻي زال ۽ ٻن ڌيئرن سميت زخمي، ٻرڙا ڪالوني ۾ پوليس اهلڪار ذوالفقار شيخ جي گهر کي باھ لڳي وئي نتيجي ۾ گهر ڌڻي سندس زال، 8 سالن جي ڌيءُ اجوا ۽ 11 سالن جي ڌيءُ دعا سڙي زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، متاثرن موجب باهه سبب گهر ۾ پيل سمورو الهه تلهه سڙي ويو آهي.