| قهر جي گرمي فطري سونهن کسڻ لڳي، مورن ۾ بيماري، 12 مري ويا |
ننگرپارڪر (ن پ ا) ٿر جي فطري سونهن رکندڙ مور پکي سخت گرمين سبب مرڻ لڳا ، ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب ننگرپارڪر جي ڳوٺ ٻورلو ۽ ڀرپاسي گذريل هڪ هفتي دوران 12 کان وڌيڪ مور پکي مري ويا. مقامي ماڻهن سياسي سماجي اڳواڻن الهرکيو کوسو ، دليپ ڪمار ، غلام مصطفي . ذوالفقار ۽ ٻين پاران ٻڌايو وڃي پيو ته سخت گرمي، پاڻي جي شديد کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي مور پکي هڪ هڪ ٿي مرڻ لڳا آهن. هنن لائيف کاتي کي اپيل ڪئي ته فوري طور تي نوٽيس وٺي، ميڊيڪل ٽيمون موڪلي ۽ مورن جي علاج سان گڏوگڏ پاڻي ۽ خوراڪ جو پڻ بندوبست ڪيو وڃي، جيئن وڌيڪ ناياب جهنگلي جيوت موت جي کاڄ کان بچي سگهي سگهي