قومون آءِ ايم ايف قرضن سان ترقي ناهن ڪنديون، دعا آهي هي آخري پروگرام هجي: وزيراعظم

مارچ 28, 2025

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف پروگرامن سان معيشت ۾ استحڪام ايندو آهي، قومون ترقي ناهن ڪنديون، دعا آهي ته هي آخري پروگرام هجي، ان قرضن جي زندگيءَ کي عزت واري زندگيءَ ۾ بدلائڻو آهي، يوٿ ڊجيٽل حب پروگرام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اسان جا قرض 77 ورهين ۾ وڌيا آهن، معاشي استحڪام اچي چڪو آهي، هارين، صنعتڪارن ۽ نوجوانن کي معاشي طور مضبوط بڻائڻو آهي، اوهان جي حقن جي جنگ آخري دم تائين وڙهندس، آخري حد تائين اوهان کي قرضن مان نجات ڏياريندس، پاڪستان جي نوجوانن کي باعزت روزگار جي قابل بڻائڻو آهي، خادم بڻجي پاڪستان جي خدمت ڪندو رهندس. وزيراعظم چيو ته نوجوان اسان جي لاءِ هڪ چئلينج هجڻ سان گڏ هڪ بهترين موقعو به آهن، نوجوانن کي آءِ ٽي، آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ پروفيشنل ٽريننگ ڏني وڃي ته هو ملڪ جو وڏو سرمايو بڻجي ويندا، جيڪڏهن نوجوانن کي تربيت ۽ جديد ٽيڪنالاجي فراهم ڪرڻ تي سيڙپڪاري ڪئي وڃي ته ڪجهه سالن ۾ پاڪستان ترقي يافته ملڪ بڻجي ويندو. وزيراعظم چيو ته الله پاڪستان کي قدرتي نعمتن سان نوازيو آهي. پاڪستان ۾ استحڪام آيو آهي. آءِ ايم ايف سان اسٽاف سطح تي معاهدو ٿي ويو آهي. 1 بلين ڊالر جي ايندڙ قسط جي منظوري مئي ۾ آءِ ايم ايف جي بورڊ آف گورنرز جي اجلاس ۾ ڏني ويندي.

 

Leave A Comment