قومي استحڪام جي نقصان پهچائيندڙن، انتهاپسندن ۽ اندروني دشمنن سان منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون: فيلڊ مارشل

قومي استحڪام جي نقصان پهچائيندڙن، انتهاپسندن ۽ اندروني دشمنن سان منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون: فيلڊ مارشل

راولپنڊي (م ڊ) چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته قومي استحڪام کي نقصان پهچائيندڙ فرقيوار عنصرن سان منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهيون. آءِ ايس پي آر طرفان جي پڌرائي موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير گوجرانوالا ۽ سيالڪوٽ گيريزنز جو دورو ڪيو، جنهن دوران کيس فارميشن جي آپريشنل تياري ۽ جنگي صلاحيتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ بابت کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي فيلڊ مارشل فيلڊ ٽريننگ ايڪسرسائز ۽ جديد سميوليٽر ٽريننگ سهولت جو جائزو ورتو ۽ فارميشن جي اعليٰ پيشيوراڻي معيار ۽ گڏيل تياري جي واکاڻ ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير ٽيڪنالاجي سان هم آهنگي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته جديد جنگي ماحول ۾ ڦڙتي، درستگي، حالتن کان اثرائتي آگاهي ۽ وقتائتي فيصلا سازي اڻٽر آهي. دوري دوران چيف آف ڊفينس فورسز آفيسرن ۽ جوانن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ سندن بلند حوصلن ۽ قومي سلامتي لاءِ مضبوط عزم کي ساراهيو. چيف آف ڊفينس فورسز جوانن جي سخت گير مشن تي ٻڌل تربيت جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته پاڪ فوج اندروني ۽ ٻاهرين چيلنجز ۽ انتهاپسند نظرين سان منهن ڏيڻ ۽ قومي استحڪام کي نقصان پهچائيندڙ فرقيوار عنصرن سان مقابلي لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي.