فوجي ٺڪاڻن تي ڀڃ ڊاهه ڪندڙن کي آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو اعلان

مَي 15, 2023

آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ خصوصي ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ 9 مئي تي ڀڃ ڊاهه ۽ فوجي ملڪيتن تي حملن واري واقعن ۾ ملوث جوابدارن خلاف آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ٽرائل جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ خصوصي ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي گذري، جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن مادر وطن جي دفاع ۾ شهيد ٿيندڙن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جي فورم اندروني ۽ بيروني سڪيورٽي وصورتحال۽ ڪجھه ڏينهن ۾ سياسي مقصدن لاءِ پيدا ڪيل امن امان جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو، جڏهن ته فورم کي شهيدن جي تصويرن ۽ يادگارن جي بيحرمتي ۽ ڀڃ ڊاهه جي منصوبي تي به بريفنگ ڏني وئي.  آءِ ايس پي آر موجب فورم هلندڙ سياسي عدم استحڪام کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرن وچ م اتفاق راءِ ۽ عوامي اعتماد جي بحالي لاءِ قومي اتفاق راءِ تي زور ڏنو.  آءِ ايس پي آر موجب پروپيگنڊا جو مقصد هٿياربند فوجن ۽ عوام وچ ۾ ۽ هٿياربند فوج جي رينڪ ۽ فائل ۾ ڏار وجهڻ آهي، دشمن قوتن جي اهڙي ڪڌي پروپيگنڊا کي پاڪستاني عوام جي حمايت سان شڪست ڏني ويندي ۽ پاڪستاني عوام هر مشڪل م هميشه هٿياربند فوجن سان گڏ بيٺل آهي. آءِ ايس پي آر چيو ته فورم جمهوري عمل مضبوط بڻائڻ لاءِ قومي اتفاق راءِ جي ضرورت تي زور ڏنو. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي ملڪيتن تي حملن ۾ ملوث ماڻهن خلاف آرمي ايڪٽ تحت به ڪيس داخل ڪري سگهجن ٿا. فوجي ملڪيتن تي ڀڃ ڊاهه تي ٻڌل منصوبي تحت اداري کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جڏهن ته فورم کي بريفنگ ڏني وئي ته منصوبو اداري کي رد عمل ڏيڻ تي ڀڙڪائڻ لاءِ انجام ڏنو ويو.  ڪورڪمانڊر ڪانفرنس فوجي ملڪيتن، سرڪاري ۽ خانگي ملڪيتن خلاف سياسي عمل ۽ ڀڙڪائڻ جي واقعن جي سختي سان مذمت ڪئي ۽ ڪمانڊرز افسوس جوڳن واقعن تي فوج جي رينڪ ۽ فائل جي ڪاوڙ ۽ جذبن جو به اظهار ڪيو.

Leave A Comment