قومي اسيمبلي جي 6 ۽ پنجاب اسيمبلي جي 7 تڪن تي اڄ ننڍي چونڊ

قومي اسيمبلي جي 6 ۽ پنجاب اسيمبلي جي 7 تڪن تي اڄ ننڍي چونڊ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي 6 ۽ پنجاب اسيمبلي جي 7 تڪن تي ننڍي چونڊ اڄ ٿيندي، هريپور، لاهور، فيصل آباد، ساهيوال، ڊي جي خان، سرگوڌا، ميانوالي ۽ مظفر ڳڙهه ۾ ننڍي چونڊ لاءِ سامان پهچائڻ جو سلسلو جاري مڪمل ڪيو ويو. پولنگ جي موقعي تي سيڪيورٽي لاءِ 20 هزار کان وڌيڪ آفيسر ۽ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، 2 هزار 792 پولنگ اسٽيشنز مان 408 انتهائي حساس ۽ هڪ هزار 32 حساس قرار ڏنيون ويون. سول آرمڊ فورسز ۽ پاڪ فوج جي مقرري جو آرڊر جاري ڪيو ويو آهي.