قومي اسيمبلي جي 6 ۽ پنجاب اسيمبلي جي 7 تڪن تي سڀاڻي ضمني چونڊ، فوج مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

قومي اسيمبلي جي 6 ۽ پنجاب اسيمبلي جي 7 تڪن تي سڀاڻي ضمني چونڊ، فوج مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي 6 ۽ پنجاب اسيمبلي جي 7 تڪن ۾ سڀاڻي آچر تي ضمني چونڊون ٿينديون، فوج مقرر ڪئي وئي، اليڪشن ڪميشن پاڪ فوج، سول آرمڊ فورسز ۽ پوليس جي مقرريءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.. نامزد ڪيل عسڪري ۽ سول آفيسرن کي مئجسٽريٽ جا اختيار پڻ ڏنا ويا، نوٽيفڪيشن مطابق 22 کان 24 نومبر تائين پاڪ فوج ۽ سول آرمڊ فورسز اسٽينڊ بائي، ريسپانس موڊ ۾ مقرر ڪئي ويندي. مقرر فورسز کي دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ تحت مڪمل اختيار حاصل هوندا، چونڊن دوران ڪنهن به قانون جي ڀڃڪڙي ، هنگامي صورتحال يا رڪاوٽن کي فوري ۽ مؤثر انداز ۾ روڪڻ لاءِ قدم کنيا ويندا، فورسز جي مقرري،PP-115 فيصل آباد، PP-116 فيصل آباد، PP-269 مظفرڳڙھ، NA-185 ڊيره غازي خان،NA-18 هري پور، PP-73 سرگودا، NA-96 فيصل آباد، NA-104 فيصل آباد NA-143 ساهيوال،PP-98 فيصل آباد، PP-203 ساهيوال، NA-129 لاهور، PP-87 ميانوالي ۾ هوندي. نامزد عسڪري ۽ سول آفيسرن کي 22 کان 24 نومبر تائين ضابطه فوجداري تحت ڪنهن به خلاف ورزي، هنگامي صورتحال يا ڏوهه جي صورت ۾ ڪارروائي ڪرڻ جو اختيار هوندو، ان کان اڳ 23 نومبر جي ضمني چونڊن لاءِ وفاقي گهرو وزارت پڻ پاڪ فوج ۽ سول آرمڊ فورسز جي مقرريءَ جو آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي. ضمني چونڊن واري ڏينهن عام فورسز ٻئي درجي ۾ بطور ڪوئڪ ري ايڪشن فورس موجود هونديون، جڏهن ته پاڪ فوج ٽئين درجي ۾ ڪوئڪ ري ايڪشن فورس طور مقرر هوندي.