قومي اسيمبلي مدي کان 4 ڏينهن اڳ ٽوڙي ويندي: پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ اتفاق ڪري ورتو

جُولاءِ 18, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ)اتحادي حڪومت جي ٻن وڏين پارٽين پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ 8 آگسٽ تي قومي اسيمبلي کي ٽوڙڻ تي اتفاق ڪري ورتو

ذريعن موجب پيپلزپارٽي ۽ نون ليگ جي قيادت وچ ۾ ملاقات دوران 8 آگسٽ تي قومي اسيمبلي ٽوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو

اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ 9 کان 10 آگسٽ تائين جي تاريخن تي به غور ڪيو ويو، پيپلزپارٽي 8 آگسٽ تي اسيمبلي ٽوڙڻ جي تجويز پيش ڪئي، قانوني ماهرن به 8 آگسٽ تي اسيمبلي ٽوڙڻ جي تجويز ڏني

قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته صدر قومي اسيمبلي ٽوڙڻ واري سمري جي منظوري نه ڏيندو ته اسيمبلي 48 ڪلاڪن اندر پاڻمرادو ٽٽي پوندي، قومي اسيمبلي جو مدو 12 آگسٽ جي رات 12 هين وڳي ختم ٿي رهيو آهي

 پيپلزپارٽي جي قيادت سنڌ اسيمبلي 11 آگسٽ بدران 8 آگسٽ تي ٽوڙڻ جو به فيصلو ڪري ورتو، ذريعن موجب پيپلزپارٽي اسيمبلي ۽ ڪابينا ميمبرز جي الوداعي تقريب جون تياريون شروع ڪري ڏنيون آهي

سنڌ اسيمبلي ٽوڙڻ کان 2 ڏينهن اڳ سنڌ ڪابينا جي الوداعي تقريب منعقد ڪئي ويندي، ڪابينا ميمبرز کي 6 آگسٽ کان اڳ ترقياتي رٿائن جا افتتاحي پروگرام مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

Leave A Comment