قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن هڪ ٿي ويون: سفارتي ڪاميابي تي وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي ساراهه

قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن هڪ ٿي ويون: سفارتي ڪاميابي تي وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي ساراهه

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن هڪ ٿي ويون،  سفارتي ڪاميابي تي وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي ساراهه  ڪئي وئي. سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر راجا ناصر عباس چيو ته جنگبندي ڪرائڻ تي پاڪستان جون سفارتي ڪوششون ڪامياب ٿيون، آمريڪا ۽ اسرائيل مجبور ٿي ڳالهين جي ميز تي آيا. بچاءُ واري وزير خواجا آصف چيو ته ملڪ جي 78 سالن جي تاريخ ۾ اهڙو لمحو پهريون ڀيرو آيو آهي، جڏهن سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي تعريف ٿي رهي آهي، راڻا ثناءُ الله چيو ته بهتر حڪمت عملي سبب پاڪستان کي عالمي سطح تي عزت ملي آهي(راجا پرويز اشرف) وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل هيرو آهن. پي ٽي آءِ ميمبر  علي محمد خان چيو ته پاڪستان کي الله تعاليٰ امت جي قيادت لاءِ چونڊيو آهي . پي ٽي آءِ چيئرمين بيريسٽر گوهر چيو ته جنگبندي لاءِ ڪوشش ڪندڙن کي ساراهيون ٿا