قومي اسيمبلي ۾ اسلام آباد سانحي تي بحث: اپوزيشن پاران قومي حڪومت قائم ڪرڻ جو مطالبو

قومي اسيمبلي ۾ اسلام آباد سانحي تي بحث: اپوزيشن پاران قومي حڪومت قائم ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ مخالف ڌر فوري طور تي عام چونڊون ڪرائڻ، عام چونڊن لاءِ قومي حڪومت قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، جنهن ۾ معمول واري ايجنڊا ملتوي ڪري ترلائي امام بارگاهه ۾ ٿيل دهشتگرد حملي تي بحث ڪرائي وئي. اجلاس جي شروعات اسلام آباد دهشتگرد حملي جي شهيدن لاءِ فاتحه خواني سان ڪئي وئي، جيڪا مولانا عبدالغفور حيدري ڪرائي. ان کان پوءِ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير پاران ايجنڊا معطل ڪرڻ جي تحريڪ پيش ڪئي وئي، جيڪا اڪثريت سان منظور ڪئي وئي. بحث ۾ حصو وٺندي مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي چيو ته عالمي طاقتون پاڪستان کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ چاهين ٿيون ۽ انهن جي نقشي مطابق پاڪستان جو مطلب رڳو سنڌ ۽ پنجاب آهي. اسان کي احتياط سان هلڻو آهي، عدالتن جا پر ڪٽيا ويا آهن، سينيٽ کي قومي اسيمبلي جي برابر اختيار ڇو ناهن ڏنا ويندا. محمود خان اچڪزئي چيو ته اعلان ڪرڻ گهرجي ته هر صوبي جي وسيلن تي پهريون حق ان صوبي جي ماڻهن جو آهي. انصاف سان ملڪ هلايو وڃي ته بلوچ، پنجابي، سنڌي يا پٺاڻ ڪير به سڀ ڪجهه نه گهرندو. اهو ماڻهو چريو هوندو جيڪو چوندو ته ملڪ کي فوج جي ضرورت ناهي. پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته حملي آور افغانستان مان تربيت ورتي هئي، انٽيليجنس ادارن ڪيترائي واقعا اڳواٽ روڪي چڪا آهن، پر سيڪيورٽي گارڊز خودڪش حملي آور کي نه روڪي سگهيا. افغانستان ۾ دهشتگردن کي تربيت ڏيڻ پٺيان ڀارت جو هٿ آهي. پيپلز پارٽي جي ميمبر قومي اسيمبلي قادر پٽيل چيو ته اسلام آباد ڌماڪي کان پوءِ ڪنهن شادي ۾ ناچ گانو نه ٿيو، دهشتگرد چئي رهيو آهي ته جڏهن چاهيان ماڻهن کي شهيد ڪري سگهان ٿو، سوال اهو آهي ته اسان ڪڏهن ڪارروائي ڪنداسين، پي ٽي آءِ جي ميمبر قومي اسيمبلي اسد قيصر ترلائي واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته افسوس آهي جو اهڙا واقعا لڳاتار ٿي رهيا آهن. قراردادون پاس ٿين ٿيون پر نتيجو سامهون نٿو اچي. پاليسيون ٺهن ٿيون پر پارليامينٽ کي اعتماد ۾ نٿو ورتو وڃي. دهشتگردي جي پاڙ تائين نه پهتاسين ته مسئلو حل نه ٿيندو. پيپلز پارٽي جي راجا پرويز اشرف خطاب ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو ته دهشتگردي پاڪستان جو اندروني مسئلو آهي ته اهو غلط آهي. ڀارت ٻاهران پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪرائي رهيو آهي. شيعا سني پاڻ ۾ عبادت گاهن تي حملا نٿا ڪن، پر ڀارت ٻنهي فرقن وچ ۾ نفرت پکيڙڻ لاءِ دهشتگردي ڪرائي ٿو. هن چيو ته ڀارت جنگ ۾ ناڪامي کان پوءِ هاڻ دهشتگردي جي جنگ شروع ڪئي آهي، جنهن جو مقصد پاڪستان جي معيشت کي نقصان پهچائڻ آهي. هتي ماريندڙ کي به خبر ناهي ڇو ماري رهيو آهي ۽ مرندڙ کي به خبر ناهي ڇو ماريو پيو وڃي. ڀارت ئي اصل حملي آور آهي ۽ ڀارت جي اکين ۾ اکيون وجهي دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻو پوندو.