قومي اسيمبلي ۾ اڄ ترميم منظوري لاءِ تياريون مڪمل

قومي اسيمبلي ۾ اڄ ترميم منظوري لاءِ تياريون مڪمل

اسلام آباد: سينيٽ مان منظوري بعد 27هين آئيني ترميم اڄ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي، قومي اسيمبلي جي اڱاري ڏينهن ٿيندڙ اجلاس جي ايجنڊا جاري ڪئي وئي، 11 نقاطي ايجنڊا ۾ ٽيئن نمبر تي 27 هين آئيني ترميم کي پيش ڪري فوري غور هيٺ آڻڻ جو مامرو شامل آهي، جاري ايجنڊا جي چوٿين نمبر تي 27هين آئيني ترميم جي منظوري جو عمل به شامل آهي.