| قومي اسيمبلي ۾ به نون صوبن جو پڙاڏو: پ پ ۽ ن ليگ ۾ اختلاف: 14 قانونن جي منظوري ملتوي |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن وچ ۾ اختلاف برقرار رهڻ سبب پيپلز پارٽي جي قانونسازي ۾ عدم تعاون تي 14 قانونن جي منظوري ملتوي ڪئي وئي. اسپيڪر قانونسازي جو عمل روڪي ڇڏيو. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس جي 62 نقطن تي ٻڌل ايجنڊا مان رڳو 8 نقطن تي ڪارروائي ٿي سگهي، جڏهن ته پرائيويٽ ميمبر ڊي تي قانونسازي لاءِ ايجنڊا ۾ شامل ڪيل 14 بلن مان ڪنهن هڪ بل تي به قانونسازي نه ٿي سگهي. اجلاس دوران اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ۽ پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ نويد قمر درخواست ڪئي آهي ته في الحال قانونسازي نه ڪئي وڃي، جنهن سبب اجلاس جي پڄاڻي تائين ايجنڊا ۾ شامل قانونسازي اڳتي نه وڌي سگهي. اجلاس دوران پاڻي جي شديد کوٽ، سيڪيورٽي صورتحال، قومي ايڪشن پلان، نار ملڪن ۾ پاڪستانين کي درپيش مسئلن ۽ پاسپورٽ نظام سميت مختلف اهم معاملن تي بحث ڪيو ويو. اسلام آباد ۾ پاڻي جي کوٽ بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري ايوان کي ٻڌايو ته وفاقي گادي واري شهر کي روزانو 160 ملين گيلن پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، پاڻي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ واپڊا سان گڏ پي سي ون تيار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته شادره، سِملي ۽ دوتاره ڊيمن جي فزيبلٽي پڻ تيار ڪئي وئي آهي. واپڊا شادره ۽ دوتاره ڊيمن کي قابلِ عمل قرار ڏنو آهي. زهره ودود فاطمي جي سوال تي طلال چوڌري چيو ته جن علائقن ۾ لاڳاپيل ميمبر رهن ٿا، اتي وڏي تعداد ۾ گهر غير قانوني آهن، سيوريج نظام به منظور ٿيل ناهي. جنهن تي ايوان ۾ صورتحال ڇڪتاڻ واري ٿي وئي. زهره ودود فاطمي جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسپيڪر کيس طلال چوڌري خلاف تحريڪِ استحقاق آڻڻ جو مشورو ڏنو. اجلاس ۾ بيرسٽر گوهر علي خان نڪتي اعتراض تي ڳالهائيندي چيو ته دهشتگردي ۽ ترقي گڏ نٿا هلي سگهن. هن مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي طرفان امن امان جي صورتحال تي ٻن ڏينهن تائين بحث ڪرائڻ واري تجويز جي حمايت ڪئي. بيرسٽر گوهر چيو ته طالبان جو مسئلو ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، تنهنڪري قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد ضروري آهي. هن گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستانين جي ويزن ۾ واڌ نه ٿيڻ جو معاملو پڻ ايوان ۾ اٿاريو. دفاع واري وزير خواجا آصف جواب ڏيندي چيو ته اڪثر اهي ماڻهو مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جن تازو جنگ دوران هڪ ڌر بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي. جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن ملڪ ۾ رهي ڪري ان ئي ملڪ خلاف ڌر بڻجندو ته ان جو ردعمل به سامهون ايندو. مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو ته مڪه امن معاهدي بابت ميمبرن کي بريفنگ ڏني ويندي. پاسپورٽ بابت طلال چوڌري ٻڌايو ته سعودي عرب ۾ 5 هزار پاڪستاني پاسپورٽ اهڙن ماڻهن وٽان پڪڙيا ويا، جيڪي مبينا طور افغان شهرين طرفان ٺاهيا ويا هئا. ڏوهن ۾ ملوث هئا. اپوزيشن اڳواڻ محمود خان اچڪزئي بلوچستان جي صورتحال بابت ڳالهائيندي چيو ته صوبي ۾ روزانو 50 کان 60 ماڻهو مارجي رهيا آهن، جڏهن ته دهشتگردي سميت ٻيا مسئلا به ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن، بلوچستان جي صورتحال تي بحث ڪرايو وڃي. هن چيو ته اسان ڪنهن کي گاريون ڏيڻ جا قائل ناهيون، اسان ڳالهين ۽ ڳالهه ٻولهه جا قائل آهيون. ڳالهين لاءِ هن ايوان کان وڌيڪ بهتر جاءِ ٻي ڪا ٿي نٿي سگهي، اچو ته ماڻهن کي هر قسم جي گند کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪريون. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شرميلا فاروقي چيو ته 105 هارڊ شپ دوائن جو اگهه ٻن سالن کان طئي ناهي ڪيو ويو، پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شازيه مري چيو ته سي سي آءِ جو اجلاس ڪڏهن ٿيندو؟ وفاقي حڪومت پنهنجي آئيني ذميواري پوري نه ڪري رهي آهي، صوبن ۽ وفاق وچ ۾ معاملن جي هڪ ڊگهي فهرست موجود آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت 28هين آئيني ترميم ۽ نون صوبن جي قيام بابت سوال اٿاريندي چيو ته هتي جيڪي فيصلا ٿين ٿا، انهن بابت اسان کي ٻاهرين ذريعن کان خبر پوي ٿي. ڇا ايوان ۾ موجود ڪنهن به سياسي پارٽي 28هين آئيني ترميم ۽ نون صوبن بابت ڪو خاڪو پيش ڪيو آهي. مون کي اندازو آهي ته 28هين آئيني ترميم اچي رهي آهي، ڪو چاهي يا نه چاهي. سوال اهو آهي ته ان حوالي سان ايوان جو ڪو عملي ڪردار هوندو. ڇا ڪا پارلياماني ڪميٽي جوڙي ويندي يا ان معاملي تي بحث ٿيندو. قومي اسيمبلي اجلاس دوران پي ٽي آءِ جي ميمبر علي محمد خان چيو ته ماڻهو هن نظام تي سوال اٿاري رهيا آهن ۽ پارليامينٽ تي به سوال اٿاري رهيا آهن.