| قومي اسيمبلي ۾ تيل اگهن ۾ واڌ تي اپوزيشن جو احتجاج: تجويزون ڏيو، عمل لاءِ تيار آهيون: سرڪار |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جو اجلاس، اپوزيشن جي احتجاج کان پوءِ حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ غيرمعمولي اضافي خلاف بحث ڪرائڻ تي تيار ٿي وئي. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته ايران تي حملي کان پوءِ پنج هفتن کان جنهن حد تائين ممڪن هو، عوام کي مهانگائي جي اثرن کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ چيو ته حڪومت پنهنجي وس ۾ جنهن حد تائين هو سڀ قدم کنيا آهن. اپوزيشن تجويزون ڏئي، حڪومت وڌيڪ بهتري لاءِ تيار آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان سوال اٿاريو ته ايران آمريڪا جنگ سبب دنيا ۾ تيل جون قيمتون 3 سيڪڙو وڌيون آهن ته پاڪستان ۾ 20 سيڪڙو ڇو وڌيون آهن. قومي اسيمبلي اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ منقعد ٿيو. اسيمبلي ميمبر شاهد خٽڪ چيو ته اسان جي دور ۾ ٻه رپيا پيٽرول مهانگو ٿيو ته اوهان جي اڳواڻن چيو ته وزيراعظم چور آهي. جيڪو پيٽرول بم عوام مٿان ڪيرايو ويو آهي. هي وزيراعظم ڌاڙيلن وارو ڪم ڪيو آهي. جنهن تي اسپيڪر قومي اسيمبلي چيو ته ڌاڙيلن وارو لفظ مان ختم ڪريان ٿو. شاهد خٽڪ چيو ته هن معاملي تي بحث ڪرائي وڃي. نور عالم خان چيو ته سوالن واري وقفي کي معطل ڪيو وڃي، اهو ضروري ناهي، مهانگائي تي گهڻو بحث ڪرايو وڃي. ڪڻڪ جو لاباري ٿيڻو آهي، هاري پيسجي ويو آهي. پارلياماني معاملن واري وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته پيٽروليم شين ۾ اضافو سڄي دنيا ۾ ٿيو آهي. حڪومت ان سان منهن ڏيڻ لاءِ قدم کنيا آهن،ڪابينا ڇهن مهينن جي پگهار نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. امين الحق چيو ته حڪومت هن بحران سان منهن ڏيڻ لاءِ بهتر ڪم ڪري رهي آهي، هن ايوان ۾ هن مسئلي تي ڳالهه ٿيڻ گهرجي. اسيمبلي ميمبر سيد نويد قمر چيو ته هي فورم آهي عوام جي نمائندگي ڪري ٿو، حڪومت کي جيڪا پاليسي ڏيڻي آهي اها هن فلور تان ڏي، ڪنهن ٻئي ايجنڊا بدران هن معاملي تي ڳالهه ٿيڻ گهرجي. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ايوان ۾ پيٽروليم شين بابت چيو ته جڏهن جنگ جو معاملو وڌندي نظر آيو، اسان فوري منصوبه بندي ڪئي. اسان پنج هفتن کان پيٽروليم شين جي دستيابي ۽ قيمتن بابت قدم کڻي رهيا آهيون.