قومي اسيمبلي ۾ تڪراري پيڪا ايڪٽ ترميمي بل منظور: اپوزيشن ۽ صحافين پاران سخت مخالفت: واڪ آئوٽ: تحريڪ هلائڻ جو اعلان

جنوري 24, 2025

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي مان پيڪا ايڪٽ ترميم بل منظور، اپوزيشن ۽ صحافين پاران واڪ آئوٽ، تحريڪ هلائڻ جو اعلان به ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب قومي اسيمبلي مان پيڪا ايڪٽ ترميمي بل 2025ع اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو، وفاقي وزير راڻا تنوير پيڪا ايڪٽ ترميمي بل پيش ڪيو، بل جي منظوري خلاف صحافين پريس گيلري مان واڪ آئوٽ ڪيو، حڪومت جي ڪنهن به اتحادي جماعت طرفان پيڪا ايڪٽ ترميمي بل جي مخالفت نه ڪئي وئي، اپوزيشن طرفان بل پيش ڪرڻ کان اڳ ئي واڪ آئوٽ ڪيو ويو، صحافين جي جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي به ترميمي بل کي رد ڪري ڇڏيو، شازيا مري چيو ته صحافي پريس گيلري مان واڪ آئوٽ ڪري ويا آهن، ايوان مان ميمبرز کي موڪلي معلوم ڪيو وڃي ته صحافين ڇو واڪ آئوٽ ڪيو آهي، جڏهن ته پيڪا ايڪٽ ترميمي بل تحت سوشل ميڊيا پروٽيڪشن اينڊ ريگوليٽري اٿارٽي قائم ڪئي ويندي، ڪوڙي خبر هلائيندڙ شخص کي 3 سال قيد ۽ 20 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ويندي، پابندي پيل شخص جو بيان اپلوڊ نه ٿيندو، سوشل ميڊيا تي غيرقانوني سرگرمين سان متاثر ٿيل شخص 24 ڪلاڪن اندر لاڳاپيل اٿارٽي کي درخواست ڏيڻ جو پابند هوندو. بل تحت ڪيسز جي جاچ لاءِ نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي ۽ ٻڌڻي لاءِ خصوصي ٽربيونلز ٺاهيا ويندا، سوشل ميڊيا صارفين جي شڪايت ٻڌڻ لاءِ سوشل ميڊيا ڪمپلينٽ ڪائونسل جوڙي ويندي، جنهن جي ميمبرن ۾ صحافي، وڪيل، آءِ ٽي ماهر شامل هوندا،  اسلام، پاڪستان، آئيني ادارن، عدليه ۽ فوج خلاف مواد غيرقانوني آن لائين مواد ۾ شمار ٿيندو، ڏوهه لاءِ ورغلائڻ، ڪوڙيون رپورٽس، غيراخلاقي ۽ توهين عدالت جو مواد به غيرقانوني سڏيو ويندو، قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اپوزيشن ميمبرز ٽئين ڏينهن به احتجاج ڪيو، اپوزيشن ليڊر کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي اپوزيشن ميمبرز سيٽن تي اٿي بيهي رهيا، ڊيسڪ وڄائي احتجاج ڪيو، ايجنڊا جون ڪاپيون به ڦاڙي ڇڏيون، پي ٽي آءِ ميمبرز  ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو، پيپلزپارٽي جي ميمبر آغا رفيع الله چيو ته عوام ڏسي وٺي، اڄ ايوان ۾ عوامي مسئلن تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن، پي ٽي آءِ جا ميمبر مسئلا اجاڳر ڪرڻ بدران احتجاج ڪري رهيا آهن. هوڏانهن اپوزيشن ۽ صحافين پيڪا بل خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف پيڪا ترميمي ايڪٽ، ڊجيٽل نيشن بل خلاف احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري اطلاعات شيخ وقاص اڪرم چيو آهي ته تڪراري پيڪا ترميمي ايڪٽ ڊجيٽل نيشنل بل ڪارو قانون آهي، صحافي ڀائرن سان گڏ آهيون، بل جو مقصد ميڊيا جي آزادي کي ختم ڪرڻ آهي، حڪومت جون بدمعاشيون گهڻي دير تائين نه هلنديون.

 

Leave A Comment