قومي اسيمبلي ۾ ذوالفقار ڀٽو کي قومي شهيد قرار ڏيڻ جو ٺهراءُ منظور: پ پ ۽ پي ٽي آءِ آمهون سامهون

قومي اسيمبلي ۾ ذوالفقار ڀٽو کي قومي شهيد قرار ڏيڻ جو ٺهراءُ منظور: پ پ ۽ پي ٽي آءِ آمهون سامهون

اسلام آباد: قومي اسيمبليءَ اجلاس ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي قومي شهيد قرار ڏيڻ جي قرارداد متفقه طور تي منظور ڪئي وئي، سول ملازمن جو ترميم بل 2025ع ۽ ايچ پي وي ويڪسينيشن وارو معاملو لاڳاپيل ڪاميٽين حوالي ڪيو ويو. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ اپوزيشن هنگامو ڪيو، حڪومتي ۽ مخالف ڌر ميمبرن ۾ جملن جي ڏي وٺ ٿيندي رهي، ذوالفقار علي ڀٽو کي قومي شهيد قرار ڏيڻ جي قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي فيئر ٽرائل جو موقعو نه ڏنو ويو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جمهوريت ۽ عوام جي حقن لاءِ جان جي قرباني ڏني. ايوان حڪومت کان مطالبو ڪري ٿو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي قومي شهيد قرار ڏنو وڃي ۽ وفاقي حڪومت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي قومي شهيد قرار ڏيڻ متعلق نوٽيفڪيشن جاري ڪري.  قومي اسيمبليءَ ۾ ڳالهائيندي اسد قيصر چيو ته 27هين آئيني ترميم پاڪستان جي تاريخ جو هڪ بدنما داغ آهي. 8 فيبروري تي عوامي مينڍيٽ کسي ناجائز حڪومت ٺاهي وئي. 27هين آئيني ترميم ذريعي صدر ۽ باقي ماڻهن کي ڪلين چٽ ڏني وئي آهي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته پاڪستان پيپلز پارٽي اِن ترميم جي حمايت ڇو ڪئي. ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏوهٽي اُن جي ڏنل آئين جو جنازو ڪڍي ڇڏيو ۽ ولي خان جي پوٽي ايمل ولي خان اِن جو ڪم ختم ڪري ڇڏيو، هن چيو ته  27 هين آئيني ترميم عدليه جي چيلهه ڀڄي ڇڏي آهي. آئيني عدالت جو سربراهه وزير اعظم مقرر ڪندو ته انصاف ڪئين ٿيندو. عوام سان گڏجي پيپلز پارٽيءَ جو گهيرو ڪنداسين. اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف چيو ته لڳي ٿو اسد قيصر جيڪڏهن مسودو پڙهي ها ته اهڙيون ڳالهيون نه ڪري ها. صدر وٽ ڪو به ايگزيڪيٽوَ عهدو ناهي. ان وٽ ڪو اختيار ئي ناهي ته اُن کي ڪيئن جيل موڪلي سگهجي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان جي فوج مضبوط هوندي ته دفاع محفوظ هوندو. اسان دفاع پاڪستان کي مضبوط بڻائڻ وارا آهيون. اوهان 9 مئي وارا آهيو. اپوزيشن جي گوڙ تي راجا پرويز اشرف چيو ته اسپيڪر رولنگ ڏي ته گوڙ ڪندڙ مشينن کي ڪيئن ڪنٽرول ڪيو وڃي، جيڪڏهن اوهان گاريون ڏيندا ته جواب به گار سان ملندو، جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا ته ايوان کي يرغمال بڻائيندا ته ايئن نه ٿيندو، اوهان کي پڪڙي گوڙ ڪرڻ لاءِ آندو ويو آهي، اوهان باني پي ٽي آءِ کي اندر ڪرايو ويچارو غيرسياسي ماڻهو هو، اوهان جهڙا ساٿي هجن ته دشمن جي ضرورت ئي ناهي، هي ماڻهو فيلد مارشل خلاف ڳالهائي رهيا آهن، هي گمراهه آهن.