اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) قومي اسيمبلي 14 هزار 480 ارب رپين جي ماليت جي وفاقي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي
ٽيڪس اوڳاڙين جو هدف 9 هزار 2 سئو ارب مان وڌائي 9 هزار 415 ارب مقرر ڪيو ويو، ترقياتي بجيٽ ساڍا 900 ارب جي هوندي
فنانس بل 2023 جي اڪثريتي راءِ سان منظوري ڏيندي پيٽروليم ليوي 50 رپين مان وڌائي 60 رپيا في لٽر ڪئي وئي
ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پئٽروليم ڊولپمينٽ ليوي آرڊيننس ۾ ترميم پيش ڪئي، قومي اسيمبلي اڪثريتي راءِ سان ترميم منظور ڪري ورتي
فنانس بل 2023 ۾ ترميم ڪندي 215 ارب روپين جا نوان ٽيڪس لاڳو ڪيا ويا، پراڻي ٽيڪنالاجي وارن پکن، پراڻن بلبن ۽ ٻين شين تي اضافي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ واري ترميم به منظور ڪئي وئي
اضافي ٽيڪس پهرين جنوري 2024 کان لاڳو ٿيندي، پراڻن بلبن تي 20 سيڪڙو واڌو ٽيڪس لڳندي
پينشن ادائگي 760 ارب مان وڌائي 801 ارب ڪئي وئي آهي، اين ايف سي تحت صوبن کي 5 هزار 276 ارب مان وڌائي 5 هزار 390 ارب رپيا ملندا
بجيٽ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم 459 ارب مان وڌائي 466 ارب ڪئي وئي