| قومي اسيمبلي 407 کرب 41 ارب رپين کان وڌيڪ لازمي خرچن جي منظوري ڏئي ڇڏي |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي 407 کرب 41 ارب رپين کان وڌيڪ لازمي خرچن جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايندڙ مالي سال لاءِ لازمي خرچن بابت قومي اسيمبلي ۾ بحث مڪمل ٿي وئي. آئين موجب لازمي خرچن تي ووٽنگ نه ٿيندي آهي. قومي اسيمبلي پاڪستان پوسٽ آفيس لاءِ 50 لک، الائونسن ۽ پينشنن لاءِ 6 ارب 93 ڪروڙ رپين جي لازمي خرچن جي منظوري ڏئي ڇڏي. گرانٽن، امداد ۽ مختلف خرچن جي مد ۾ 57 ارب رپين جي لازمي خرچ جي منظوري ڏني آهي. پرڏيهي مشنن لاءِ 50 ڪروڙ، قانون ۽ انصاف واري شعبي لاءِ 53 ڪروڙ 94 لک، قومي اسيمبلي لاءِ 7 ارب 96 ڪروڙ،سينيٽ لاءِ 6 ارب 45 ڪروڙ رپين جي لازمي خرچن جي منظوري ڏني وئي. وفاقي حڪومت طرفان پرڏيهي ترقياتي قرضن ۽ اڳواٽ ادائگين جي مد ۾ 607 ارب رپين کان وڌيڪ خرچن جي منظوري ڏني وئي. صدر جي عملي، گهرو انتظامن ۽ الائونسن جي مد ۾ 2 ارب 80 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ خرچ منظور ڪيو ويو. پرڏيهي قرضن جي خرچن جي مد ۾ 10 کرب 71 ارب رپين کان وڌيڪ لازمي خرچ جي منظوري ڏني وئي. پرڏيهي قرضن جي واپسي لاءِ 58 کرب 36 ارب 27 ڪروڙ رپين جي خرچن جي منظوري ڏني وئي. مختصر مدي وارن پرڏيهي قرضن جي ادائيگي لاءِ 1 کرب 30 ارب لازمي خرچ جي منظوري ڏني وئي. اهڙي طرح آڊٽ لاءِ 9 ارب 82 ڪروڙ، ملڪي قرضن جي خرچن لاءِ 69 کرب 82 ارب، ملڪي قرضن جي واپسي لاءِ 259 کرب، سپريم ڪورٽ لاءِ 7 ارب 44 ڪروڙ، وفاقي آئيني عدالت لاءِ 6 ارب، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ لاءِ 2 ارب 36 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ خرچن جي منظوري ڏني وئي. ساڳي ريت ايندڙ مالي سال دوران چونڊن لاءِ 10 ارب 57 ڪروڙ رپين جا لازمي خرچ جي به منظوري ڏني وئي. ڪم جي جڳهه تي عورتن کي هراسان ڪرڻ خلاف وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ لاءِ 25 ڪروڙ، وفاقي محتسب لاءِ 2 ارب رپيا ۽ وفاقي ٽيڪس محتسب لاءِ 64 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ لازمي خرچن جي منظوري ڏني وئي.