قومي اقتصادي ڪونسل جو اجلاس طلب، ترقياتي بجيٽ جي منظوري جو امڪان
جُون 4, 2025
اسلام آباد ( پنهنجي ڊيسڪ) قومي اقتصادي ڪونسل جو اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ نئين مالي سال جي ترقياتي بجيٽ جي منظوري ڏني ويندي،وزيراعظم شهباز شريف قومي اقتصادي ڪونسل جي اجلاس جي صدارت ڪندو، اجلاس ۾ گلگت بلتستان سميت چئني صوبن جا وڏا وزير ۽ صوبائي نمائندا شرڪت ڪندا، اجلاس ۾ نئين مالي سال جي قومي ترقياتي بجيٽ ۽ ميڪرو اڪنامڪ فريم ورڪ جي به منظوري ڏني ويندي: ذريعن موجب قومي ترقياتي بجيٽ ۾ 4 هزار ارب روپيا ۽ پي ايس ڊي پي جي مد ۾ هڪ هزار ارب روپيا رکڻ جو امڪان ٻڌايو پيو وڃي.