| قومي ذميواري سڀ کان پهرين: انٽرنيشنل ليگ کيڏندڙ ڪرڪيٽرن لاءِ شرط |
لاهور (اسپورٽس نيوز) سريلنڪا خلاف سيريز لاءِ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ شامل قومي ڪرڪيٽرن کي بِگ بيش ليگ (بي بي ايل) ڇڏڻي پوندي. ذريعن موجب قومي ڪرڪيٽرن کي پرڏيهي ليگز لاءِ مشروط اين او سي جاري ڪئي وئي آهي جڏهن ته قومي ڊيوٽي لاءِ رانديگرن کي پاڻ کي دستياب رکڻو پوندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته بي بي ايل لاءِ پاڪستاني ڪرڪيٽرن کي 14 ڊسمبر کان 28 جنوري تائين جي اين او سي جاري ڪئي وئي آهي اين او سي ماڻيندڙن ۾ بابر اعظم، محمد رضوان، شاهين شاهه آفريدي، حارث رئوف، شاداب خان ۽ حسن علي شامل آهن. ٻئي پاسي فخر زمان، نسيم شاهه ۽ حسن نواز کي آءِ ايل ٽي ٽوئنٽي لاءِ چار جنوري تائين اين او سي جاري ٿي. ذريعن موجب ان عرصي دوران پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ٽيم کي ٽن ميچن لاءِ سريلنڪا جو دورو ڪرڻو آهي، سريلنڪا خلاف ٽي ٽوئنٽي ميچ 7، 9 ۽ 11 جنوري 2026ع تي دمبولا ۾ شيڊيول آهن.