قومي سلامتي جو اجلاس، ايران-اسرائيل صورتحال جو جائزو
جُون 23, 2025
اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس، ايران-اسرائيل تڪرار مان پيدا ٿيندڙ صورتحال جو جائزو
ذريعن جو چوڻ آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير پنهنجي تازي آمريڪا جي دوري تي قومي سلامتي ڪميٽي کي اعتماد ۾ ورتو.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايران-اسرائيل تڪرار کان پوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال جو جائزو ورتو ويو.
تفصيل موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اهم ترين اجلاس ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، دفاع وارو وزير خواجه آصف، گهرو وزير محسن نقوي، فيلڊ مارشل عاصم منير، هٿياربند فوج جا اعليٰ نمائندا ۽ لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي.
قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملي مان پيدا ٿيندڙ صورتحال تي غور ڪيو ويو..
ياد رهي ته حڪومت گذريل ڏينهن هڪ بيان جاري ڪيو هو ته وزيراعظم شهباز شريف سومر ڏينهن 12 وڳي قومي سلامتي ڪميٽي (اين ايس سي) جو اجلاس طلب ڪيو آهي. قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ دفاع وارو وزير، گهرو وزير، نائب وزيراعظم، ۽ فوجي ۽ سول قيادت شرڪت ڪندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ملڪ جي اندروني ۽ سرحدي سيڪيورٽي صورتحال جو به جائزو ورتو ويندو، جڏهن ته قومي سلامتي ڪميٽي ۾ ايران جي مدد ۽ ٻين معاملن تي اهم فيصلا ٿيڻ جو امڪان آهي.