اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) قومي سلامتي ڪاميٽي جو اڄ ٿيندڙ اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف ترڪيه جي دوري تي وڃي رهيو آهي
ذريعن موجب وزيراعظم جي ترڪيه دوري جي ڪري اڄوڪو قومي سلامتي ڪاميٽي جو اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي
اجلاس ۾ 9 مئي واقعن ۽ ان ۾ ملوث جوابدارن تي بريفنگ ڏني وڃي ها، ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي به غور ٿيڻو هو