قومي سوال تي ضرور سوچڻ گهرجي

جُولاءِ 11, 2023

  ‘جيجڪ’ فلسفي ۽ سائيڪو اينالسٽ آهي. هُن آمريڪا ۾ آباد هڪ ريڊ انڊين قوم جي ليڊر کان پڇيو ته، “توهان جي ڌرتي ۽ وسيلن تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ انگريزن توهان کي ريڊ انڊين سڏيو هو. اڄڪلهه جا ڪي مهذب آمريڪي دانشور توهان کي اصلي باشندا سڏين ٿا، جڏهن ته ڪيناڊا ۾ توهان کي ‘پهريون قومون’ سڏيو ويندو آهي. آئون توهان کي ڇا چئي سڏيان؟” جواب ۾ ليڊر هُن کي چيو ته، “يار تون به ڀلي ريڊ انڊين ئي چئو. ان سان گهٽ ۾ گهٽ انگريزن جي جهالت جي خبر پوي ٿي. ڪٿي انڊيا ۽ ڪٿي وري آمريڪي کنڊ! اسان جو انڊيا سان ڪو به سماجي، مذهبي، ثقافتي، جاگرافيائي ۽ سياسي رشتو نه آهي پر پوءِ به انهن کي اسين انڊين لڳون ٿا!” ان شڪايت تي مغربي دانشورن کي ضرور سوچڻ گهرجي.

                 هر قابض قوم يا گروهه ڪوشش ڪندو آهي ته مقبوضه علائقي جي قوم کي حقير ۽ نيچ ڏيکارجي. انهن جي ٻولي ۽ ثقافت مان خاميون ڪڍجن ۽ انهن جي قومي سوال کي حل ڪرڻ جي بجاءِ وڌيڪ الجهائجي. ان جو هڪ مثال اسان وٽ سنڌ ۾ موجود آهي ۽ مون کي حيرت آهي ته ڪنهن قوم پرست ان زيادتيءَ تي آواز نه اٿاريو آهي. ڪراچي جي دانشورن باقي سنڌ کي “اندروني سنڌ” جو نالو ڏنو آهي. دنيا ۾ ڪٿي به مون نه ٻڌو آهي ته جاگرافي ۾ “اندروني يا ٻاهريون” هوندو آهي. نيويارڪ شهر به آهي ته رياست به. اتي نيويارڪ کان ٻاهر جي علائقن کي اتر نيويارڪ چيو ويندو آهي. هئڻ ته ائين گهرجي جو ڪراچي کي ڏکڻ سنڌ چئجي پر اهو چوڻ هُنن جي لاءِ آسان نه آهي، ڇو جو اهو لفظ انهن جي “گرانڊ اسڪيم” ۾ مشڪل پيدا ڪري ٿو. پهرين انهن ڪراچي کي سنڌ مڃڻ کان انڪار ڪيو هو. مون کي ياد آهي ته جڏهن آئون ڪراچي ايندو هوس ته مون کان پڇندا هئا ته، “توهان سنڌ کان آيا آهيو؟” يعني ڪراچي سنڌ نه آهي. وقت گذرڻ سان اهو مسئلو ڪافي حد تائين حل ٿيڻ لڳو آهي پر اسين اڃان “اندروني” رهجي ويا آهيون، جنهن تي ضرور سوچڻ گهرجي.

جڏهن روسي ڪميونزم زنده هو ۽ باقي دنيا جيئن اسان وٽ به هڪ عدد ڪميونسٽ پارٽي هئي. سنڌ جا قومپرست ۽ ٻيون ترقي پسند پارٽيون، جن ۾ عوامي تحريڪ اهم آهي، قومي سوال تي ڪميونسٽن جي موقف کان نالان هئا. ان وقت ۾ قومي سوال تي اڪثر بحث هلندو هو ۽ مون سميت ڪميونسٽن کي ان سوال تي جواب ڏيڻ ۾ ڪافي مشڪلاتون پيش اينديون هيون. هڪ ته ڄاڻ ڪانه هئي، ٻيو وري اسان کي جن پڙهايو هو، سي ويچارا به ڪجهه سادا هئا. اڄ به اسان جو حال تقريبن ساڳيو ئي آهي. ان وقت ۾ هڪڙو بحث هلندو هو ته سنڌي قوم آهي يا قوميت؟ ڪميونسٽن جو موقف هو ته سنڌي قوميت آهي ۽ قومپرست ان سان اختلاف رکندا هئا. آئون قوم پرست نه آهيان پر مون کي قومپرستن جي ان ڳالهه سان اتفاق آهي. ان وقت ڪميونسٽن جو دليل هو ته وڏي آبادي واري قوم هوندي آهي، جيئن روس قوم آهي ۽ ننڍيون قوميتون هونديون آهن، جيئن آزربائيجان. منهنجي خيال ۾ قوم ننڍي يا وڏي نه هوندي آهي. ڪيناڊا جي آبادي چار ڪروڙ آهي پر هتي پنجاهه کان وڌيڪ قومون تسليم ڪيون ويون آهن، جن ۾ ڪافي قومن جي آبادي چند هزارن ۾ آهي. سوال اهو آهي ته پوءِ ڪروڙين جي آباديءَ جي ماڻهن کي قوميت چوڻ جو مقصد ڇا آهي؟ ان کي آئون “انٽيليڪچوئل ڊس آنيسٽي” (دانشوراڻي بدديانتي) چوندو آهيان. بجاءِ ڪنهن سوال کي حل ڪرڻ جي، طاقتور قومون يا ادارا اسان کي غير اهم سوالن ۾ الجهائي ڇڏيندا آهن. طاقتور ادارا ۽ انهن جي نظرئي جا حامي قومي سوال جي مسئلي تي مصلحت ۽ منافقي جو شڪار آهن. ان سوال جو هڪڙو ٻيو پهلو به آهي، جنهن کي “انٽرنيشنل ازم” چئجي ٿو. ڪميونسٽ ۽ نيولبرل قومن کان اڳتي وڌڻ چاهين ٿا. هنن جي خيال ۾ جيئن خاندان، ذات، ڪڙم، قبيلي مان اڳتي هلي قوم ٺهي آهي، تيئن هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ان کان اڃان اڳتي وڌجي ۽ انٽرنيشنل ٿيڻ گهرجي. ڪميونسٽن جو نعرو هو ته، “دنيا جا مزدورو! هڪ ٿيو” ۽ ساڳئي طريقي سان نيو لبرل وري انٽرنيشنل سول سوسائٽي جي ڳالهه ڪن ٿا.

ڪجهه سال پهرين آئون پهرين ڪيناڊا جي گادي واري شهر آٽاوا ۽ اتان پوءِ ڪيناڊا کان علحدگي گهرندڙ صوبي قوبيڪ  جي گاديءَ واري شهر قوبيڪ سٽي گهمڻ آيو هوس. مون ٻئي پارليامينٽون ڏٺيون پر مون کان هڪڙي ڳالهه هضم نه ٿي رهي هئي ته هڪ ملڪ ۾ ٻه قومي اسيمبليون ڪيئن ٿي سگهن ٿيون. آٽاوا ۾ به قومي اسيمبلي ته ساڳئي وقت چند سئو ڪلوميٽرن تي قوبيڪ سٽي ۾ به قومي اسيمبلي. آخرڪار پنهنجي ناداني ۽ ڪم علمي جي شرم کي پرچائيندي مون هڪ قوبيڪي قوم پرست کان اهو سوال پڇي ئي ورتو. هُن بنان ڪنهن غصي ڪرڻ جي ۽ منهنجي بيوقوفي تي حيران ٿيڻ جي، مون کي سمجهايو ته، “قوم” لفظ جي معنيٰ ڇا آهي. هُن جي بقول ته انگريزي ۾ نيشن جي معنيٰ “ماڻهو” آهي ۽ ڪنهن ملڪ ۾ “ماڻهو” گڏجي چاهين ته سوين قومي اسيمبليون ٺاهي سگهن ٿا، ۽ اهو ڪيناڊا جي اندر موجود آهي، جتي ست سئو قومون رهن ٿيون ۽ انهن جون پنهنجون قومي اسيمبليون آهن. جيڪڏهن ڪي ماڻهو چون ته اسان الگ قوم آهيون ته ٻين کي ان تي اعتراض جو ڪهڙو حق آهي؟ ڪجهه سال بعد ۾ مون جڏهن اصلي قومن جي علائقن جو دورو ڪيو ته ڪجهه قومي اسيمبليون ٻن ٽٽل ڦٽل ڪمرن تي به ٺهيل مليون، جن ۾ ان قوم جا سئو کن ماڻهو ويهي پنهنجا قانون پاس ڪن ٿا ۽ ڪيناڊا کي ان تي ڪوبه مسئلو نه آهي پر انهن جي پاس ڪيل آئين ۽ قراردادن جو قدر ۽ احترام ڪيو ويندو آهي. اسان کي ان جي سوال جي بنياد کي سمجهڻ لاءِ پوري ترقي پسندي جي تاريخ ۽ نظرئي کي سمجهڻو پوندو پر هتي فقط چند خيالن کي پيش ڪيو ويو آهي.

Leave A Comment