| قومي شاهراهن تي قائم ريسٽ ايريا مهانگا: مالڪن تي ڳرا ڏنڊ |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي شاهراهن تي قائم ريسٽ ايريا ۽ سروس ايريا ۾ شين جون قيمتون شهرين لاءِ مشڪلاتن جو سبب بڻجي ويون. نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ريسٽ ايريا ۽ سروس ايريا جي مالڪن تي ڳرا جرمانا لڳائي ڇڏيا. سرڪاري دستاويزن مطابق گذريل مالي سال دوران 33 ريسٽ ۽ سروس ايريا جي مالڪن خلاف ڪارروائي ڪندي 33 مالڪن تي مجموعي طور 12 لک 61 هزار 300 رپين جا جرمانو لڳايو ويو. هلندڙ مالي سال ۾ هن وقت تائين 71 ڪاروايون ڪري 17 مالڪن تي ڏنڊ ۽ سزائون ڏنيون ويون. سرڪاري دساويزن مطابق هلندڙ مالي سال ۾ هن وقت تائين نيشنل هاءِ وي اٿارٽي طرفان 14 لک 75 هزار رپين جو ڏنڊ لڳايو ويو. هلندڙ مالي سال ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي 12 سروس ايريا ۽ 4 ريسٽ ايريا سيل ڪيا آهن، ڄاڻايل سزا ۽ ڏنڊ مهانگيون شيون وڪڻڻ، آلودگي، ۽ مسجدن توڙي ريسٽ رومز جي خراب انتهائي خراب هجڻ سبب لاڳيا ويا.