| قومي عوامي انقلابي راڳي سليمان پليجو بيمار، ڪنهن به واهر نه ڪئي |
ٺٽو /جنگشاهي (نمائندن وٽان) سنڌ جو قومي عوامي انقلابي فنڪار محمد سليمان پليجو ڪراچي اسپتال ۾ بي يارو مددگار بڻيل جڏھن ته ثقافت کاتي سميت چونڊيل نمائندن به کيس وساري ڇڏيوآھي تفصيل موجب سنڌ جو قومي عوامي انقلابي فنڪار محمد سليمان پليجو جيڪو سنڌ جي ڪلاسيڪل راڳي استاد محمد جمن جو شاگرد ھجڻ سان گڏ رسول بخش پليجو جو سئوٽ ھن وقت بيماري سبب ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ زندگي ۽ موت جي چوواٽي تي آھي، جنھن کي سنڌ سرڪار، ثقافت کاتي سميت چونڊيل نمائندن به وساري ڇڏيو آھي، انقلابي فنڪار سليمان پليجو فن جي ذريعي عوامي انقلابي گيت ڳائي ضياءَالحق ۽ جنرل مشرف جي دورن ۾ فن جي ذريعي سنڌي قوم ۾ جوش ۽ جذبو جاڳايو جڏھن ته ھن استاد جمن، استاد وحيد ۽ يوسف جھڙن فنڪارن سان گڏ پڻ ڳائڻ سميت پاڻ سنڌ جي جڳ مشھور شاعرن اياز بخاري، آڪاش انصاري ۽ ٻين مختلف شاعرن جي گيتن کي ڳايو آھي، پر ھن وقت ھو ڪراچي جي ھڪ نجي اسپتال م زندگي ۽ موت جي جنگ وڙھي رھيو آھي، جتي ثقافت کاتي طرفان قومي راڳي محمد سليمان جي ڪابه سار ناھي لڌي ويئي، بيماري جي بستري پيل قومي فنڪار محمد سليمان پليجو سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو آھي ته سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي سندس زندگي بچائي وڃي ته جيئن ھو ٻيھر گيت ڳائي سنڌ جي ماڻھن ۾ سجاڳي آڻي سگھي.