قومي عوامي تحريڪ پاران مسئلن جي حل لاءِ ريلين ۽ جلسن جو اعلان

آگسٽ 13, 2023

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي اجلاس ۾ ڪرپشن، مھانگائي، بيروزگاري، ڪارونجھر سميت ٻين وسيلن جي نيلامي ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف رابطا مھم تيز

 ڪرڻ لاءِ حيدرآباد، لاڙڪاڻي، شڪارپور، نصيرآباد، ڪنڌڪوٽ ۽ ٺل سميت سمورن ضلعن ۾ عوامي جلسا ۽ مشعل بردار ريليون ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪيو اي ٽي جو مرڪزي اجلاس قاسم آباد ۾ سيڪريٽري جنرل مظھر راھوجو جي صدارت ٿيو جنهن ۾ سنڌ ۽ ملڪي سياسي صورتحال تي غور ويچار ڪندي چيو ويو ته پيپلزپارٽي اقتدار لاءِ ھر عوام دشمن ۽ سنڌ دشمن سودو ڪرڻ لاءِ تيار آھي

 عام چونڊن ۾ ڪرپٽ مافيا جو سڄي سنڌ ۾ مقابلو ڪيو ويندو. پ پ حڪومت جا 15 سال سنڌ ۾ ڪرپشن، مھانگائي، بک، بدحالي، بيروزگاري ۽ زرعي تباھي وارا سال رھيا. سنڌ حڪومت ڪارونجھر، ڪراچي، ڪوھستان ۽ ساحلي پٽي وڪرو ڪري ڇڏي ۽ سنڌ جا ٻيٽ به کپايا ويا

اجلاس ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، الطاف خاصخيلي، منان شيخ، نصرت خاصخيلي، اشرف پليجو، منور نوحاڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي جڏهن ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جي عوام کي بيدار ڪرڻ لاءِ سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ ريليون ڪڍيون وينديون ۽ جلسا منعقد ڪيا ويندا

Leave A Comment