قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي احتجاجي ريلي، بک هڙتال

قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي احتجاجي ريلي، بک هڙتال

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ ضلعي حيدرآباد پاران ڪالهه آخري ٽئين ڏينهن به سنڌ جي وحدت خلاف سازشن، قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ، ڪئنال منصوبن، زمينن تي قبضي، 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن، منشيات ۽ بدامني خلاف سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، نصرت خاصخيلي، ايڊوڪيٽ راحيل ڀٽو بختاور چنڊ قومي عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر نذير بليدي، شوڪت سريوال، بابو ميمڻ، معشوق چانڊيو، ايڊووڪيٽ زاهد ڀنڀرو، خادم سمون،رفيق ڪنراڻي، امداد پنھور،راول سيال بابو سولنگي، گلزار ڪلھوڙو، ثنا الله، آزاد ميرواھي، نظير لاکو، شمن چانڊيو، راجا چانڊيو چيتن ڄمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علي پليس چوڪ پيادل مارچ ڪري نسيم نگر چوڪ قاسم آباد  تي بک هڙتال ڪئي وئي.ان موقعي تي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي، ماروي خاصخيلي، صبا سمون، بختاور چنڊ راحيلا ڀٽو ۽ ٻين عورت اڳواڻن پڻ ڀرپور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون خطاب ڪندي چيو تہ پاڻي تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪرپشن، بدامني لاقانونيت ،ميرٽ جي لتاڙ، وسيلن جي ڦرلٽ ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف مسلسل اڻٿڪ ۽ ڊگهي جدوجهد جي ضرورت آهي