| قومي مفاد ۾ آهي: نيتن ياهو ڪرپشن ڪيس ۾ معافي جي درخواست ڪري ڇڏي |
تل ابيب(م ڊ) اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو صدر اسحاق هرزوگ کي معافي جي درخواست جمع ڪرائي آهي. صدر جي آفيس چيو ته صدر اسحاق هرزوگ غير معمولي درخواست تي غور ڪرڻ کان اڳ انصاف جي عملدارن سان صلاح مشورو ڪندو. نتن ياهو هڪ وڊيو پيغام ۾ چيو ته هو چاهي ٿو ته جاچ عمل ڪنهن آخري نتيجي تي پهچي پر قومي مفاد ۾ ڪجهه ٻيو آهي، ڪيس جو تسلسل اسان کي اندر کان ختم ڪري رهيو هو هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن اسرائيل وڏي چئلينجن ۽ ساڳئي وقت عظيم موقعن کي منهن ڏئي رهيو هو جن لاءِ اتحاد جي ضرورت هئي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته مون کي يقين آهي ته مقدمي جو جلد خاتمو سخت مشڪلاتن کي گهٽائڻ ۽ وسيع مفاهمت کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ڪندو. اسرائيل جي بنيادي قانون موجب صدر کي اختيار آهي ته ڏوھارين کي معاف ڪري ۽ انهن جي سزا کي گهٽائي. بهرحال، اسرائيل جي هاءِ ڪورٽ آف جسٽس اڳ ۾ فيصلو ڏنو آهي ته صدر سزا ڏيڻ کان اڳ ڪنهن فرد کي معاف ڪري سگهي ٿو جيڪڏهن اهو عوامي مفاد ۾ هجي.